No video

kujh ta rahaji wayo Aa Master wali New song ڪجھ تہ رھجي ويو آ ٽنڊوڄام ۾ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌ ۾

  Рет қаралды 2,487

Sufiyana Sindhi Song

Sufiyana Sindhi Song

Күн бұрын

Master wali ڪجھ تہ رھجي ويو آ ٽنڊوڄام ۾
ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌ ڀريءَ شام ۾ڪجھ تہ رھجي ويو آ ٽنڊوڄام ۾
ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌ ڀريءَ شام ۾ڪجھ تہ رھجي ويو آ ٽنڊوڄام ۾
ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌ ڀريءَ شام ۾
(راج راڄپر)
Poetry: Raj Rajpar
Voice: Master Wali
سکي! ڇا تہ اڄ ڀي ٽنڊوڄام آھي
سراپا ڪِي گلپوش گلفام آھي
متارا نوان ھيل موکِي نئين آ
نئين تَشنگي آ نئون جام آھي
نئون روپ ڌاري وري سوز جاڳيا
الا! تڙپ ۾ ڇا تہ آرام آھي
ھتي جنتن جو پوي اولڙو ٿو
سفر آ ڪٺن پر پوي سولڙو ٿو
ھتي ”شجرِ ممنوع“ اسان پاڻ پوکيو
ڪري ڪُوت اڌمن جو اتھاس موکيو
ھتي ابنِ ادم ۽ بنتِ حوا ٻئي
رواجن جِي بي حس انا کي وِدا چئي
ڌِڪا ڏئي تفاوت جي ديوار ڪيري
نئين دور ۾ پيا وڌن پير سيري
ھتي زندگيءَ ۾ سدا نغمگي آ
ھتي جي فضا ۾ عجب تازگي آ
پريان ڇا تہ ڪويل ڪري ڪوڪ ويٺي
ھِنئين مان اُڀاري اَلا! ھوڪ ويٺي
ھتي جا املتاس احساس واسيا
ڄَمون بَڙَ نِمون خاص وشواس واسيا
ھتي پيچرن تي ٻُرن ٿيون پَچارون
ڀَوِش حالَ ماضيءَ ۾ تانگھن نھارون
ھتي جون بھارون بہ اَوِرَچ انوکيون
ھتي سَت رنگي گُلَ ڪليون سَچُ انوکيون
ھتي روحَ پوپٽَ ڪھاڻي الڳ آ
سدا ساھ کي سَٽ ڪھاڻي الڳ آ
اُتم ماڻپو دين مذهب ھِتان جو
اسين سڀ ھِتان جا سَندم سڀ ھِتان جو
سکي! نيڻ ٻُوٽي سڃاڻي سگھون ٿا
پري کان مٽيءَ مھڪ ڄاڻي سگھون ٿا
سڃاڻي سگھون ٿا ڪُڪوءَ لات اڄ ڀي
رھَي روح ۾ ٿي سندءِ تات اڄ ڀي
سکي! ڇا تہ اڄ ڀي ٽنڊوڄام آھي
سکي! ڇا تہ اڄ ڀي ٽنڊوڄام آھي
دَڳن جون دليون ٿيون پيون اڄ بہ ڌڙڪن
ڪتابن ۾ باندي سوين باب ٿڙڪن
سوين خواب تڙپن تہ ساڀيان ڪٿي آ
سَھيلين جي سٿ ۾ نمايان جِتي آ
جِتي آ اُتي اڄ بہ ھٻڪار ھُن جي
سڀئي سانگ ھُن لئہ ڀليڪار ھُن جي
اڃان سار ھُن جي سا ڪيمپس ۾ آھي
وِسارڻ ڪِي سارڻ سکي! وس ۾ ناھي
سکي! وس ۾ ناھي ڪَٺن دنياداري
مڃون ٿا مڃون ٿا سندءِ سار طاري
حَواسن تي جاري ۽ ساري رھي ٿي
پَھا پاڻ خود ئي ڪَٽاري رھي ٿي
ڪٿي ڍال ڪائي ادا وار ڀالا
نرالا سندءِ ناز انداز اعلا
ادائن ۾ اڪثر اُتم سا تہ اڄ ڀي
سجائي رکي ٿي سَوين گھات اڄ ڀي
سکي! ڇا تہ اڄ ڀي ٽنڊوڄام آھي
سکي! ڇا تہ اڄ ڀي ٽنڊوڄام اھي ________________________
ڪجھ تہ رھجي ويو آ ٽنڊوڄام ۾
ڪنھن ٿَڌيريءَ صبح مَڌ ڀريءَ شام ۾
ڇا ٻُڌايان رکيو آ سکي! ڇا اُتي
دل سَنڀالي سَلھاڙي رکي آ جِتي
شل نہ ڪنھن پل ٽُٽي قربتن جي ڪَڙي
اڄ بہ آ ساھ ۾ سا گھڙي ھر گھڙي
چاھ ڪي چانھن تي جا ڪچھري ڪئي
ماٺ ئي ماٺ ۾ پيار جا ٻول چئي
لار اوتي وئي سار جي جام ۾
ڪجھ تہ رھجي ويو آ ٽنڊوڄام ۾
ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌڀريءَ شام ۾
آخري ڏينھن ھو آخري پل ھئا
مرڪ مُک تان ڇڻي نيڻ جَل ٿَل ھئا
ترورا ترورا ڌنڌُ منظر سڀئي
پين ڪاڳر ڪُتَب وَيس بِستر سڀئي
ڪل سنڀالي کنيم پاڻُ وسري ويو
ھَئہ! حياتيءَ سندو ماڻ وسري ويو
روح وِکري ويو مشڪ جِي مام ۾
ڪجھ تہ رھجي ويو آ ٽنڊوڄام ۾
ڪنھن ٽڌيريءَ صبح مڌڀريءَ شام ۾
سونھن جا سلسلا ڪيئي آيا ويا
جَلتَرنگ قافلا ڪيئي آيا ويا
ڪيئي آيا ويا ھِت نِشانبر سوين
خوب مايانگر جا تَونگر سوين
روپَ سُندر سوين پر ڪو مَخصوص آ
ھُن سوا دِيد ڪنھن سان نہ مانوس آ
اڄ بہ مَلبوس آ سا تہ گلفام ۾
ڪجھ تہ رھجي ويو آ ٽنڊوڄام ۾
ڪنھن ٿڌيريءَ صبح مڌڀريءَ شام ۾
(راج راڄپر)

Пікірлер: 1
@ghhussain1588
@ghhussain1588 2 жыл бұрын
Gh hussain
Underwater Challenge 😱
00:37
Topper Guild
Рет қаралды 41 МЛН
女孩妒忌小丑女? #小丑#shorts
00:34
好人小丑
Рет қаралды 85 МЛН
The Giant sleep in the town 👹🛏️🏡
00:24
Construction Site
Рет қаралды 20 МЛН
If Barbie came to life! 💝
00:37
Meow-some! Reacts
Рет қаралды 78 МЛН
زەکەریا عەبدوڵڵا - Zakaria Abdullah  🎶
20:06
Srwsht
Рет қаралды 1,4 МЛН
Mohsen Yeganeh - Behet Ghol Midam ( I promise you )
4:45
Mohsen Yeganeh
Рет қаралды 226 МЛН
BEAUTIFUL MORNING DUA | For Protection| Blessings| Rizq | Tasbih | full | Omar Hisham|
27:31
EthioQuran اثيو القرآن
Рет қаралды 3,1 МЛН
jadhen Khahn Ba Badla Master wali New song
6:28
Sufiyana Sindhi Song
Рет қаралды 783
mohsen chavoshi  گلچینی از بهترین های چاوشی
24:59
Underwater Challenge 😱
00:37
Topper Guild
Рет қаралды 41 МЛН